جمال خان

جمال خان: جمال خان مشهور طبلي نواز ٿي گذريو آهي ، هن 1921ع ڌاري وزير خان جي گهر ۾ راجستان جي ڳوٺ سيٿل ۾ جنم ورتو . رحمان ۽ موتي خان کان طبلي جي سکيا ورتائين ، ان وقت هو اُتي جي مهاراجا وٽ ملازم هو ، جتي محمد خان ستار نواز سان گڏ درٻار ۾ طبلو وڄائيندو هو . ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي هندستان ۾ پنهنجي فن جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو . دهلي ريڊيي تي سندس دوستي استاد بي بي خان سان ٿي . پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اتان لڏي سنڌ ۾ آيو ، جتي ريڊيي پاڪستان حيدرآباد ۾ ملازمت اختيار ڪيائين . هن استاد مراد علي خان ، بي بي خان ، خان '>استاد مبارڪ علي خان ، جمالي خان ۽ استاد پير بخش جي صحبت ۾ رهي ، درپد ، تال ، ڪلواڙي ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ پاڻ ملهايو . هن ريڊيي ۽ ٽيليويزن جي نامور ڳائڻن سان طبلو وڄايو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي پنهنجي فن جي سکيا ڏنائين ، جن ۾ ڇٽن خان ، محمد اسلام ، ضمير الدين خان ، عبدالحميد خان ، فريد نظامي ، ياسين خان ۽ منظور علي خان اهم آهن . هن 1993ع ڌاري وفات ڪئي .






لفظ جمال خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.00.00  عيسوي

جمال خان: جمال خان مشهور طبلي نواز ٿي گذريو آهي ، هن 1921ع ڌاري وزير خان جي گهر ۾ راجستان جي ڳوٺ سيٿل ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارونا حسين
روشن علي خان ٻوڌراڻي
آچر فقير
الڀو شيخ ٺٽوي
خواجه نور افروز ڊاڪٽر
سائل مرزا
ٿامس هنٽ مورگن
جهانگياڻي پريتي
آچر پاڪستاني
نواز علي نياز جعفري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون